پيدائش 48:22 - Muslim Sindhi Bible22 ٻيو تہ آءٌ تنهنجي ڀائرن کان تو کي هڪڙي واڌاري حصي طور زمين جي اُها پٽي ڏيان ٿو جيڪا مون جنگ وسيلي امورين کان کسي هئي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون.
اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہبلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.