Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پر پڻس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو منهنجا پٽ! آءٌ ڄاڻان ٿو. منسيءَ بہ وڌي راڄ وارو ٿيندو، هي بہ سردار ٿيندو. تڏهن بہ سندس ننڍو ڀاءُ افرائيم کانئس وڌيڪ ٿيندو ۽ هن جي اولاد مان گھڻيون ئي قومون پيدا ٿينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين.


خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“


اسحاق عيسوءَ کي وڌيڪ پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو عيسوءَ جو شڪار وارو گوشت کائيندو هو، پر ربقہ جو پيار وري يعقوب تي وڌيڪ هو.


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.


انهيءَ سان گڏ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ ”ائين نہ بابا! پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک ڇو تہ هي وڏو آهي.“


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


فارس، لود ۽ لبيا جا ماڻهو تنهنجي لشڪر جا بهادر سپاهي هئا. انهن جي ڍالن ۽ جنگي ٽوپن جي ڏسڻ سان تنهنجو شان وَ شوڪت وڌيو پئي.


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ايترو وڌايو آهي جو اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي‌شمار آهيو.


جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا، تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي. جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو، تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“


آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،


زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ