Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ اسرائيل پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، جو ننڍو هو، ۽ پنهنجو کٻو هٿ منسيءَ جي مٿي تي رکيائين؛ هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجا هٿ ائين ڪيا، جيتوڻيڪ منسي وڏو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجي سڄي تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گھر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.“


هن ٻئي جو نالو افرائيم رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ مون کي وڌايو آهي.“


مصر جي ملڪ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان منسي ۽ افرائيم ڄاوا.


پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي يعقوب جي کاٻي پاسي بيهاريو ۽ منسيءَ کي پنهنجي کاٻي هٿ سان وٺي يعقوب جي ساڄي پاسي آڻي بيهاريو.


جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن هو ناراض ٿيو. هن پنهنجي پيءُ جي هٿ کي ورتو، انهيءَ لاءِ تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي.


انهيءَ سان گڏ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ ”ائين نہ بابا! پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک ڇو تہ هي وڏو آهي.“


خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


خداوند پنهنجو زورآور هٿ بلند ڪيو آهي! خداوند پوري قدرت سان فتح بخشي آهي!‘


اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.


اولهہ طرف افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي.


بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجا هٿ لاوين جي مٿي تي رکن.


پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي.


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


پوءِ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.


عيسيٰ انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.


”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادت‌خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


تڏهن عيسيٰ مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.


سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. عيسيٰ انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.


سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


جماعت انهن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.


نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.


جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ