Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن مان پري ڪيو، ۽ پاڻ زمين تي ڪنڌ جهڪايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


جڏهن اهي ٻئي ملائڪ شام جو سدوم ۾ آيا تہ لوط شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. جيئن ئي انهن تي نظر پيس تہ اُٿي کين گڏجڻ ويو. انهن جي اڳيان زمين تي پيشاني رکي کين تعظيم ڏنائين.


تڏهن ابراهيم اُٿي اتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيو.


هو پاڻ انهن جي اڳيان ٿي هليو. جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پهتو تہ ست ڀيرا جھڪي سلام ڪيائين.


يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.


پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون کي تہ تنهنجي بہ منهن ڏسڻ جي اميد ڪانہ هئي پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.“


پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي يعقوب جي کاٻي پاسي بيهاريو ۽ منسيءَ کي پنهنجي کاٻي هٿ سان وٺي يعقوب جي ساڄي پاسي آڻي بيهاريو.


سو بت‌سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهائڻ ويئي. بادشاهہ اُٿي بيهي کيس کيڪاريو ۽ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي کيس تعظيم ڏنائين. پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويهي رهيو. بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ هڪڙو ٻيو تخت رکايو ۽ هوءَ بادشاهہ جي ساڄي پاسي انهيءَ تي ويهي رهي.


تڏهن هوءَ وڌي وڃي اليشع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري پيئي ۽ پوءِ اُٿي پنهنجو پٽ کڻي ٻاهر نڪري آئي.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.


تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جھڪائي سجدو ڪيو.


هن جا ٻار سندس واکاڻ ٿا ڪن، ۽ سندس مڙس مٿس فخر ڪندي چويس ٿو تہ


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ