Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ يعقوب جي ديد سندس عمر جي ڪري گھٽجي ويئي هئي، سو هو چڱيءَ طرح ڏسي نہ ٿي سگھيو. تنهنڪري يوسف ڇوڪرن کي وٽس ويجھو وٺي آيو ۽ هن کين ڀاڪر پائي چميو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اسحاق پوڙهو ٿي ويو هو ۽ اکين مان نظر بہ ڪونہ ٿي پيس. تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائينس تہ ”پٽ!“ هن وراڻيس تہ ”جيءُ.“


يعقوب ويجھو اچي چمي ڏنس. تڏهن اسحاق کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي. سو کيس دعا ڏيئي چيائين تہ ”منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.


لابن صبح جو سوير اٿيو ۽ پنهنجن ڏوهٽن، ڏوهٽيءَ ۽ ڌيئرن کي چميائين ۽ کين دعا ڪيائين. پوءِ لابن موٽي گھر ڏانهن روانو ٿيو.


هو پنهنجي سڀني ڀائرن سا روئي مليو ۽ کين چميائين. تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون کي تہ تنهنجي بہ منهن ڏسڻ جي اميد ڪانہ هئي پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.“


پوءِ يعقوب جڏهن يوسف جي پٽن کي ڏٺو تڏهن پڇيائينس تہ ”هي ڇوڪرا ڪير آهن؟“


تڏهن اليشع ڏاند ڇڏي الياس جي پٺيان ڊوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيرين پئي الوداع چوڻ ڏيو. پوءِ مان توهان جي پٺيان هليو هلندس.“ تڏهن الياس کيس چيو تہ ”ڪير ٿو جھليئي! پر مون جيڪي تو سان ڪيو سو سمجھہ ۾ نہ آيئِہ؟“


انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي.


ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي، جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي، يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي.


اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ سال هئي. هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت ئي گھٽي هئي.


هڪڙيءَ رات عيلي جنهن جي نظر هاڻي تمام گھٽجي ويئي هئي، سو پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ