Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 مصر جو ملڪ تنهنجي اڳيان پيو آهي؛ جيڪا تمام چڱي زمين هجي، اتي پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي ٽڪاءِ؛ ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن: ۽ جي منجهن ڪي هوشيار ماڻهو هجن، تہ انهن کي منهنجو چوپايو مال سنڀالڻ لاءِ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.


سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“


هن ابراهيم کي چيو تہ ”منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي تو کي وڻي اتي رهہ.“


اوهين اسان سان گڏ رهو. هي سڄو علائقو اوهان جي اڳيان پيو آهي. منجھس وسو رسو، وڻج واپار ڪريو ۽ منجھس مال ملڪيت حاصل ڪريو.“


۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو.


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين.


تڏهن يوسف چين تہ ”جيڪڏهن اوهان وٽان پئسو کپي ويو آهي تہ پوءِ پنهنجو چوپايو مال ڪاهي اچو. آءٌ اوهان کي انهيءَ جي بدلي ۾ اناج ڏيندس.“


هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“


تڏهن فرعون يوسف کي چيو تہ ”تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ اچي ويا آهن.


انهيءَ وقت هن جي نظر يربعام تي پيئي جيڪو هڪ همت ڀريو ماڻهو هو ۽ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪري رهيو هو. سو سليمان هن کي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جي سڄي بيگاري ماڻهن جو نگران مقرر ڪيو.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.


سو هنن ٻنهي کُوري جي رک کنئي ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا. موسيٰ اها آسمان ڏانهن اڇلائي تہ اها ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا بڻجي ويئي.


پر جنهن خداوند جي ڳالهين تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال کُليل ميدان ۾ ئي ڇڏي ڏنو.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي دائمي زندگي بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ