5 تڏهن فرعون يوسف کي چيو تہ ”تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ اچي ويا آهن.
5 تنهن تي فرعون يوسف کي چيو تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ آيا آهن:
هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“
مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“