Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هنن فرعون کي چيو تہ اسين هن ملڪ ۾ رهڻ آيا آهيون؛ ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي؛ تنهنڪري هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي موڪل ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


ڪنعان ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.


۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو.


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


تڏهن فرعون يوسف کي چيو تہ ”تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ اچي ويا آهن.


ان کان پوءِ يعقوب پنهنجي ڪٽنب سميت آيو، ۽ مصر ملڪ ۾ ڌارئي طور رهڻ لڳو.


ڏسو، گھڻو عرصو اڳي جڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ڌارين وانگر رهندا هئا، تڏهن اشورين بنا ڪنهن ڏيتي ليتيءَ جي کين زبردستيءَ کڻي وڃي مٿن ظلم ڪيا.


تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.


خدا وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘


تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ