Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پر مذهبي اڳواڻن جي زمين هن خريد نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي اڳواڻن کي فرعون کان وظيفو ملندو هو ۽ هو انهيءَ تي گذران ڪندا هئا. سو انهن کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي ضرورت پيش نہ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 رڳو ڪاهنن جي زمين هن خريد ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو ڪاهنن کي فرعون کان لوازمو ملندو هو، ۽ اهو جيڪو لوازمو فرعون انهن کي ڏيندو هو، سو هو کائيندا هئا؛ تنهنڪري هنن پنهنجي زمين ڪانہ وڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.


فرعون پنهنجي ٻوليءَ ۾ يوسف جو نالو صفنات‌فعنيح رکيو. هن يوسف جي شادي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات سان ڪرائي. پوءِ يوسف مصر جي سڄي ملڪ جو گشت ڪيو.


ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان ٻہ پٽ ڄاوا.


باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين غلام بڻائي ڇڏيو.


پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جي زمينن کي فرعون جي نالي تي خريد ڪيو آهي. سو اوهين پنهنجي لاءِ هتان هي ٻج وٺو ۽ وڃي زمين ۾ پوکيو.


سو يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون ٺاهي ڇڏيو تہ فصل جو پنجون حصو فرعون بادشاهہ کي ملي. اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اچي. رڳو مذهبي اڳواڻن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.


بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.


اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا.


سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


خبردار، جيستائين اوهين انهيءَ ملڪ ۾ جيئرا آهيو، تيستائين لاوين کي نہ وسارجو.


جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ