Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن اهو سال پورو ٿيو تہ ٻئي سال هو وري وٽس آيا. هنن کيس چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کان اها ڳالهہ نہ ٿا لڪايون تہ اسان وٽان سمورو پئسو کپي ويو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال بہ اوهان جو ٿي ويو آهي. هاڻ اسان وٽ اوهان لاءِ اسان جي سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ بچيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن اهو سال پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال وري هو وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين پنهنجي حاڪم کان اها ڳالهہ نٿا لڪايون تہ اسان جو پيسو سڀ کپي ويو آهي، ۽ چوپائي مال جا ڌڻ بہ سڀ سائينءَ جا ٿي ويا آهن؛ سائين جن جي نظر ۾ اسان جن سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:18
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ ڪاهي آيا. هن کين سندن گھوڙن، گڏهن، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي بدلي کاڌو ڏنو. اهو سڄو سال هو سندن سموري چوپائي مال جي عيوض انهن جي کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪندو رهيو.


سو اوهان جي هوندي اسين ڇو مرون ۽ اسان جي زمين ڇو ناس ٿي وڃي. اسان کي ۽ اسان جي زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر. اسين فرعون جا غلام ٿينداسين ۽ اسان جي زمين جو مالڪ بہ اُهو ئي ٿيندو. اسان کي اناج ڏيو تہ مرڻ کان بچون ۽ ٻج ڏيو تہ جيئن اسان جي زمين ويران نہ ٿئي.“


هڪڙي ڏينهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تي گھمندي لنگھيو ٿي ويو تہ هڪڙيءَ عورت کيس پڪاري چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! منهنجي ڪا واهر ڪر.“


”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ