Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:14 - Muslim Sindhi Bible

14 مصر ۽ ڪنعان ملڪ کي جيڪو اناج وڪيو ويو هو، تنهن جي سموري رقم گڏ ڪري يوسف فرعون جي محل ۾ آڻي جمع ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيڪو اَن ماڻهن خريد پئي ڪيو، تنهن جي عيوض، جيترو پيسو مصر جي ملڪ ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ هو، سو سڀ يوسف گڏ ڪري فرعون جي گهر ۾ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جڏهن ڏڪار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، تڏهن يوسف اناج جا سمورا ڀانڊا کولائي مصرين کي اناج وڪڻڻ لڳو، ڇو تہ سڄي مصر ۾ ڏڪار سخت ٿي ويو هو.


پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.


جڏهن مصر ۽ ڪنعان جي ماڻهن وٽان پئسو کٽي ويو، تڏهن سڀ مصري يوسف وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي کاڌو ڏيو. توهان جي هوندي اسين ڇو بک مرون؟ اسان وٽان پئسو کپي ويو آهي.“


جيڪو اناج لڪائي مهانگو ڪري ٿو وڪڻي، تنهن کي ماڻهو پٽ پاراتا ڏيندا. مگر جيڪو اهو مناسب قيمت تي وڪڻي ٿو، تنهن کي ماڻهو دعائون ڪندا.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي.


هر ماڻهوءَ کي جيڪا نعمت ملي آهي سو انهيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ