Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:12 - Muslim Sindhi Bible

12 يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو.


اتي آءٌ اوهان جي سنڀال پيو لهندس. جيئن تہ اڃا ڏڪار جا پنج سال ٻيا بہ آهن، سو متان توهين، توهان جو خاندان ۽ ٻيا جيڪي توهان وٽ آهن سي ڪنگال ٿي پئو.‘“


تنهنڪري خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ جيئن هو اوهان کي هن عجيب وَ غريب نموني سان حياتي بخشي ۽ زمين تي اوهان لاءِ باقي بچيل نسل قائم رکي.


سو يوسف پنهنجي ڀائرن مان پنجن ڄڻن کي ساڻ ڪري فرعون وٽ آيو ۽ اندر وڃي کيس ٻڌايائين تہ ”منهنجو پيءُ، منهنجا ڀائر، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن ۽ هاڻي هو جشن جي علائقي ۾ آهن.“


باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين غلام بڻائي ڇڏيو.


جڏهن فصل کڻو تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو. باقي ٻيا چار حصا ٻنين جي ٻج لاءِ، اوهين پنهنجي لاءِ، پنهنجي گھراڻي لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکجو.“


سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.


الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.


اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


پر جيڪڏهن ڪنهن رن‌زال کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ خدا کي اهو پسند آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو ايمان ڪونهي.


هو تنهنجي زندگيءَ کي نئون ڪندو ۽ تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ تنهنجو سهارو ٿيندو. انهيءَ لاءِ جو تنهنجي ننهن جنهن جي تو سان محبت آهي ۽ جيڪا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ وڌيڪ آهي، تنهن انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ