Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:11 - Muslim Sindhi Bible

11 يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


بني اسرائيل مصر ملڪ جي جشن علائقي ۾ رهي پيا. اتي هنن ملڪيت ٺاهي ۽ وڌندا ويجھندا ويا.


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس شهر کان سُڪات ڏانهن پيادل سفر ڪيو. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ رڳو مردن جو تعداد ڇهہ لک هو.


الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.


بني اسرائيل پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ يعني عيد فصح کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو رعمسيس شهر مان روانا ٿيا. هو اتان سڀني مصرين جي اکين جي اڳيان وڏي دليريءَ سان نڪري هليا.


چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.


آءٌ انهن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.


منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.


تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي دائمي زندگي بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ