Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 47:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ يعقوب موڪلائڻ وقت فرعون لاءِ خير جي دعا گھري وٽانئس ٻاهر نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 47:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.


يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي اندر وٺي آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريو. يعقوب فرعون لاءِ خير جي دعا گھري.


تڏهن بادشاهہ سان گڏ سڀيئي ماڻهو اردن درياءُ ٽپي پار آيا. پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چمي ڏيئي کيس دعا ڪئي ۽ برزلي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي هليو ويو.


تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.


آءٌ بادشاهن جي آڏو بہ تنهنجي حڪمن جو بيان ڪندي، هرگز شرمندگي محسوس نہ ڪندس.


سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ”خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي.


تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين.


ڪجھہ وقت کان پوءِ بوعز پاڻ بہ بيت‌لحم شهر کان اچي پهتو ۽ لاباري ڪرڻ وارن کي سلام ڪندي چيائين تہ ”خداوند شل اوهان جو ساڻي هجي.“ هنن کيس وراڻيو تہ ”خداوند شل تو کي برڪت عطا ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ