Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو اوهان نہ پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو. هن مون کي بادشاهہ جو هڪ اعليٰ عملدار بڻايو. هن مون کي بادشاهہ جي سڄي گھر جو مالڪ ۽ مصر جي سڄي ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو.


هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ پريشان ٿيو تہ اوهان مون کي هيڏانهن وڪيو. اصل ۾ خدا ئي مون کي اوهان کان اڳ ۾ اوهان جي جان بچائڻ لاءِ هتي موڪليو.


محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.


۽ تنهنجي خلعت انهيءَ کي ڍڪائيندس. آءٌ تنهنجو ڪمربند انهيءَ کي ٻڌندس ۽ تو وارا اختيار انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس. الياقيم يروشلم جي رهاڪن توڙي يهوداہ جي شاهي گھراڻي جي ابي ڏاڏي جيان ٿيندو.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ خدا جي رحم وَ ڪرم تي مدار رکي ٿو.


شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انهيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ هو تو وٽ اچي هميشہ لاءِ


تڏهن ميڪاہ کيس چيو تہ ”تون مون سان گڏجي هڪڙي پيءُ ۽ ڪاهن طور ٿي رهہ تہ آءٌ تو کي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، بلڪ ڪپڙا ۽ کاڌو بہ ڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ