Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هي ڏڪار جو اڃا ٻيو سال آهي، پر اڃا پنج سال ٻيا بہ اهڙا آهن جن ۾ نڪو هر هلندو، نڪو لابارو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي. يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.


اهي داروغا انهن اچڻ وارن چڱن سالن دوران سموريون کاڌي جون شيون گڏ ڪن ۽ فرعون جي هٿ هيٺ هر شهر ۾ اناج جا انبار ڪن ۽ انهن جي سنڀال ڪن.


ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


پوءِ مصر جي ملڪ ۾ اهي سڪار وارا ست سال اچي پورا ٿيا


۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.


سو جڏهن ڏڪار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، تڏهن يوسف اناج جا سمورا ڀانڊا کولائي مصرين کي اناج وڪڻڻ لڳو، ڇو تہ سڄي مصر ۾ ڏڪار سخت ٿي ويو هو.


جڏهن اهو سال پورو ٿيو تہ ٻئي سال هو وري وٽس آيا. هنن کيس چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کان اها ڳالهہ نہ ٿا لڪايون تہ اسان وٽان سمورو پئسو کپي ويو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال بہ اوهان جو ٿي ويو آهي. هاڻ اسان وٽ اوهان لاءِ اسان جي سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ بچيو آهي.


پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جي زمينن کي فرعون جي نالي تي خريد ڪيو آهي. سو اوهين پنهنجي لاءِ هتان هي ٻج وٺو ۽ وڃي زمين ۾ پوکيو.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي.


جيڪي ڏاند ۽ گڏهہ اوهان جي ٻنين ۾ هر ٿا ڪاهين، تن کي ڇڄ سان وائريل عمدو ۽ بهترين اناج چاري ۾ ڏنو ويندو.


انهيءَ شهر جا اڳواڻ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙي برساتي نهر ۾ وٺي وڃن جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ منجھس اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي. انهيءَ برساتي نهر ۾ هو ان گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين.


انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ