Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:3 - Muslim Sindhi Bible

3 يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”آءٌ يوسف آهيان. ڇا منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟“ پر سندس ڀائر ڪابہ ورندي ڏيئي نہ سگھيا، ڇوجو هو سندس اڳيان گھٻرائجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“


هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيڪي ڪجھہ اسان پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو هو، اڄ انهيءَ جو نتيجو لوڙيون ٿا. جڏهن هن جي دل پيڙجي رهي هئي ۽ اسان کي آزيون نيزاريون ٿي ڪيائين تہ بہ اسان هن جي نہ ٻڌي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيءَ مصيبت اسان تي آئي آهي.“


تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“


يوسف کين کيڪار ڪئي ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهان جو پيرسن پيءُ ڪيئن آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو؟ ڇا هو اڃا جيئرو آهي؟“


تنهنڪري ئي آءٌ سندس حضور ۾ ڊڄان ٿو، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪري ڏڪي ٿو وڃان.


پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.


هن پڇيس تہ ”اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ