Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گھر وارن کي هتي وٺي اچن. آءٌ انهن کي مصر جي ملڪ جون ڀلي ۾ ڀليون شيون ڏيندس ۽ اهي هن ملڪ ۾ مزي سان زندگي گذاريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گهر وارن کي وٺي مون وٽ اچو: ۽ آءٌ اوهان کي مصر جي ملڪ جون نعمتون ڏيندس، ۽ اوهان کي هن ملڪ جون عمديون شيون کائڻ لاءِ ملنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل خدا تو کي آسمان جي ماڪ، زمين جي زرخيزي، جھجھو اناج ۽ مئي ڏئي.


بادشاهہ يوسف کي چيو تہ ”تون پنهنجي ڀائرن کي چئُہ تہ هو پنهنجا وهٽ لڏي جلدي ڪنعان جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃن.


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو.


پر اوهان کي آءٌ بهتر ۾ بهتر ڪڻڪ جي ماني کارايان، ۽ هوند اوهان کي ٽڪر واري عمدي ماکيءَ سان ڍءُ ڪرايان.“


ويل آهي اسرائيل جي مئي‌خوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.


سندن شهر جيڪو شاندار ۽ خوبصورت آهي، ۽ زرخيز ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اهڙي گل مثل آهي جيڪو جلد ڪومائجي ٿو وڃي. هائو، اهو موسم کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگر ٿيندو، جنهن تي ڪنهن جي نظر پوي تہ انهيءَ کي هٿ ۾ کڻندي ئي اهو ڳڙڪايو ڇڏي.


زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو.


جيڪي اوهان کي ملي ان جو بهترين حصو جيڪو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي سو مون کي ڏجو.‘


هن کين ڳئن جو مکڻ توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو، ۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين. هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ