Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


سو يوسف پنهنجي ڀائرن مان پنجن ڄڻن کي ساڻ ڪري فرعون وٽ آيو ۽ اندر وڃي کيس ٻڌايائين تہ ”منهنجو پيءُ، منهنجا ڀائر، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن ۽ هاڻي هو جشن جي علائقي ۾ آهن.“


يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو.


هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.


پر جشن جو علائقو جنهن ۾ بني اسرائيل رهندا هئا، سو ئي اهڙي جاءِ هئي جتي ڳڙو ڪونہ پيو.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ