Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 45:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يوسف پنهنجي نوڪرن جي اڳيان پاڻ کي جھلي نہ سگھيو ۽ رڙ ڪري کين چيائين تہ ”سڀيئي ٻاهر هليا وڃو.“ سو جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 45:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن موٽي اچي ساڻن ڳالهايائين. پوءِ هن انهن مان شمعون کي سندن روبرو ٻڌرائي ڇڏيو.


انهيءَ سبب جو جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ پوءِ آءٌ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ خدا نہ ڪري جو مون کي اها مصيبت ڏسڻي پوي جيڪا منهنجي پيءُ تي ايندي.“


ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.


پوءِ هن اهي تئي تان لاهي سندس اڳيان آڻي رکيون. پر هن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس تہ ”مون وٽان سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ.“ سو سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ گھڻي وقت کان وٺي ماٺ ڪيو ويٺو هئس، مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو. پر هاڻ جيئن ڪنهن پيٽ واري عورت کي ويم جا سور شروع ٿين ۽ هوءَ رڙيون ڪندي، سهڪندي ۽ تڪڙا ساهہ کڻندي ٻار ڄڻي ٿي وجھي، تيئن ئي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس ۽ گھڻو ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ هم‌ايمان کي موٽائي آندو.


خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو.


ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.


محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ