Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 43:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن يهوداہ کيس چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ اسان کي سختيءَ سان چتاءُ ڏنو هو تہ ’جيڪڏهن اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هجي تہ منهنجي سامهون نہ اچجو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 43:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هنن اهو کاڌو کائي کپائي ڇڏيو جيڪو مصر مان آندو هئائون، تڏهن سندن پيءُ چين تہ ”وري وڃو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھہ اناج خريد ڪري اچو.“


سو جيڪڏهن توهين اسان جي ڀاءُ کي اسان سان گڏ موڪليو ٿا تہ پوءِ اسين وڃي اوهان جي لاءِ کاڌو خريد ڪري اينداسين.


پر جيڪڏهن توهين نہ ٿا موڪليو تہ پوءِ اسين نہ وينداسين، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهوءَ اسان کي چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هجي تہ منهنجي سامهون نہ اچجو.‘“


پر اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’جيستائين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيستائين اوهين منهنجي سامهون نہ اچجو.‘


پر بادشاهہ چيو تہ ”هو ڀلي پنهنجي گھر وڃي، مگر منهنجي منهن نہ چڙهي.“ تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي گھر هليو ويو ۽ بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


ابي‌سلوم پورا ٻہ سال يروشلم ۾ رهيو، پر هو بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“


دائود وراڻي ڏنس تہ ”چڱو، آءٌ تو سان هڪڙيءَ شرط تي معاهدو ڪندس تہ جڏهن تون مون سان ملڻ ايندين، تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل کي ضرور پاڻ سان مون وٽ آڻيندين.“


هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.


هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا.


بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ