Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 43:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڪنعان ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 43:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


پوءِ خداوند ابراهيم کان پڇيو تہ ”سارہ ڇو کلي ائين چيو تہ ’ڇا واقعي مون کي پٽ ڄمندو، جڏهن تہ آءٌ هيتري ٻڍي آهيان؟‘


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.


جڏهن هنن اهو کاڌو کائي کپائي ڇڏيو جيڪو مصر مان آندو هئائون، تڏهن سندن پيءُ چين تہ ”وري وڃو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھہ اناج خريد ڪري اچو.“


هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“


بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.


تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ