8 يوسف تہ پنهنجي ڀائرن کي سڃاتو پر هنن کيس نہ سڃاتو.
8 ائين يوسف تہ پنهنجن ڀائرن کي سڃاتو، پر هنن نہ سڃاتس،
يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي. يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.
ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.
پر انهن جي اکين مان عيسيٰ کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي.
هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو عيسيٰ آهي.
جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ هو ڪو عيسيٰ آهي.