Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 42:6 - Muslim Sindhi Bible

6 يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 42:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


جڏهن اهي ٻئي ملائڪ شام جو سدوم ۾ آيا تہ لوط شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. جيئن ئي انهن تي نظر پيس تہ اُٿي کين گڏجڻ ويو. انهن جي اڳيان زمين تي پيشاني رکي کين تعظيم ڏنائين.


هو پاڻ انهن جي اڳيان ٿي هليو. جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پهتو تہ ست ڀيرا جھڪي سلام ڪيائين.


هن کيس پاڻ کان ٻئي درجي واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياريائين تہ ”گوڏا کوڙيو! گوڏا کوڙيو!“ اهڙيءَ طرح هن يوسف کي مصر جي سڄي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪيو.


۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.


پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.


جڏهن يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گھر پهتا تہ هو اڃا اتي ئي هو. هو سندس اڳيان زمين تي اچي ڪريا.


هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو.


سو اوهان نہ پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو. هن مون کي بادشاهہ جو هڪ اعليٰ عملدار بڻايو. هن مون کي بادشاهہ جي سڄي گھر جو مالڪ ۽ مصر جي سڄي ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.


تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.


جيڪو اناج لڪائي مهانگو ڪري ٿو وڪڻي، تنهن کي ماڻهو پٽ پاراتا ڏيندا. مگر جيڪو اهو مناسب قيمت تي وڪڻي ٿو، تنهن کي ماڻهو دعائون ڪندا.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ