Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 42:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 42:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.


پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.


دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.


تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ