3 تڏهن يوسف جي ڀائرن مان ڏهہ ماٽيلا ڀائر اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ڏانهن ويا.
3 سو يوسف جا ڏهہ ڀائر مصر مان اَن خريد ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.
هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“
وڌيڪ چيائين تہ ”مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اناج آهي. سو اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو تہ جيئن اسان بک وگھي مري نہ وڃون.“
پر يعقوب يوسف جي سڳي ڀاءُ بنيامين کي انهن سان گڏ نہ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي.
سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.