Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 42:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 42:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.


جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم ۽ ايمان ۾ مضبوط رهن.


انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.


جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“


اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“


جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري.


هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجھي رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ يوسف ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو.


يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”آءٌ يوسف آهيان. ڇا منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟“ پر سندس ڀائر ڪابہ ورندي ڏيئي نہ سگھيا، ڇوجو هو سندس اڳيان گھٻرائجي ويا.


جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي هئي تنهن جو اسان کان بدلو وٺندو.“


پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.


انهيءَ طرح هنن جي خون جو گناهہ يوآب ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ پوندو. پر دائود، سندس اولاد، سندس گھراڻي ۽ سندس تخت لاءِ خداوند وٽان هميشہ لاءِ سلامتي هوندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ