Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 42:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 42:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا.


هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“


جيڪڏهن اوهين سچا آهيو تہ اوهان مان هڪڙو انهيءَ قيدخاني ۾ رهي ۽ ٻيا اناج کڻي پنهنجن ڏڪاريل گھرن ڏانهن وڃن.


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


اوهين انهن تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو.


”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ خدا جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ.


جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ