14 يوسف چين تہ ”ڳالهہ اها ئي آهي جيڪا مون اوهان کي چئي آهي تہ اوهين جاسوس آهيو.
14 پر يوسف چين تہ ڳالهہ اِها ئي آهي، جا مون اوهان کي چئي آهي، تہ اوهين جاسوس آهيو.
هن مون تي پنهنجو اهڙو غضب نازل ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ آءٌ سندس دشمنن ۾ شامل آهيان.
تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟
هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“
هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائجي ٿو، فرعون جي سر جو قسم آهي تہ جيستائين اوهان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو تيستائين اوهين هتان وڃي ڪين سگھندا.