10 پر انهن جواب ڏنو تہ ”نہ آقا! اسين توهان جا غلام کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهيون.
10 پر هنن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تنهنجا ٻانها کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهن.
شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“
اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ مقرر ڪيو آهي ۽ سندس سمورا ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم. هن کي اناج ۽ مئي بہ ڏني اٿم. هاڻي پٽ، آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟“
تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا.
اسين سڀيئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون. اسين سچا آهيون. اسين توهان جا غلام جاسوس ناهيون.“
سائين، جيڪڏهن اسان مان ڪنهن وٽان بہ اهو نڪري تہ پوءِ ڀلي انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ اسين باقي ٻيا بہ پنهنجي آقا جا غلام ٿينداسين.“
جنهن رستي سان عبدياہ پئي ويو تہ تنهن رستي ۾ کيس الياس گڏجي ويو. عبدياہ کيس سڃاتو ۽ جھڪي کانئس پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! توهين الياس ئي آهيو؟“
ان وقت سائول دائود جو آواز سڃاڻي ورتو. سو چوڻ لڳس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو تنهنجو ئي آواز آهي؟“ دائود وراڻيس تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اهو منهنجو ئي آواز آهي.“