6 انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل ڦٽي نڪتا.
6 ۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا.
انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل نڪتا.
هو وري سمهي پيو ۽ هڪ ٻيو خواب لڌائين. هن ڏٺو تہ ست ان سان ڀريل ٿلها ۽ سٺا سنگ هڪڙي ڪاني مان نڪتا.
اهي سنهڙا ست سنگ انهن ٿلهن ۽ ان سان ڀريل ستن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. پوءِ فرعون کي جاڳ ٿي ويئي ۽ سمجھيائين تہ هو خواب ڏسي رهيو هو.
بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي، پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟ ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟ هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“
پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.
توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.
پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“