Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:57 - Muslim Sindhi Bible

57 پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

57 پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:57
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.


سو جڏهن ڏڪار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، تڏهن يوسف اناج جا سمورا ڀانڊا کولائي مصرين کي اناج وڪڻڻ لڳو، ڇو تہ سڄي مصر ۾ ڏڪار سخت ٿي ويو هو.


جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اناج ملي ٿو، تڏهن پنهنجي پٽن کي چيائين تہ ”اوهين ڇو ويٺا هڪٻئي جي منهن ڏانهن نهاريو؟“


سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.


يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.


ڪنعان ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.


مصر ۽ ڪنعان ملڪ کي جيڪو اناج وڪيو ويو هو، تنهن جي سموري رقم گڏ ڪري يوسف فرعون جي محل ۾ آڻي جمع ڪئي.


اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.


ائين نہ ٿئي جو جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ ”خداوند جنهن ملڪ جو ساڻن واعدو ڪيو هو تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگھيو ۽ جيئن تہ خداوند کي انهن کان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي ويو تہ بيابان ۾ انهن کي ماري ڇڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ