Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:52 - Muslim Sindhi Bible

52 هن ٻئي جو نالو افرائيم رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ مون کي وڌايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 ۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:52
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا.


شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!


يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجي سڄي تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گھر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.“


پوءِ مصر جي ملڪ ۾ اهي سڪار وارا ست سال اچي پورا ٿيا


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن اچي يوسف کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو پيءُ بيمار آهي.“ سو هو پنهنجا ٻيئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي يعقوب سان ملڻ ويو.


پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.


يعقوب وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ افرائيم ۽ منسي جيڪي مصر جي ملڪ ۾ منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ تو کي ڄاوا، سي منهنجا آهن. اهي روبن ۽ شمعون وانگر منهنجا آهن.


اي يوسف! تون اهڙي ڦلدار وڻ جيان آهين، جيڪو پاڻيءَ جي چشمي ڀرسان بيٺل هجي، ۽ جنهن جون ٽاريون ڀت جي مٿان پکڙجي ويون هجن.


يوسف پنهنجي ننڍي پٽ افرائيم جا پٽ پوٽا بہ ڏٺا ۽ پنهنجي وڏي پٽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ سندس هنج ۾ پليا.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


يوسف جا قبيلا، سندس ٻنهي پٽن منسي ۽ افرائيم منجھان هي هئا:


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو.


يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،


سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. حنہ انهيءَ جو نالو سموئيل رکيو، ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”مون اهو خداوند کان گھري ورتو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ