47 سڪار جي ستن سالن دوران زمين تي تمام جھجھو فصل ٿيو.
47 ۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي.
اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.
سڄي مصر جي ملڪ ۾ ست سال ڏاڍي سڪار جا اچڻ وارا آهن.
ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.
تڏهن يوسف مصر ۾ سڪار وارن ستن ئي سالن جو سمورو اناج گڏ ڪيو ۽ هر قسم جو کاڌو آڻي شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين. جيڪا ٻني جنهن شهر کي ويجھي هئي تنهن جو اناج انهيءَ ويجھي شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين.
شال ملڪ ۾ جھجھو اناج ٿئي، جيڪو جبلن جي چوٽيءَ تائين پيو جھولي! شال انهيءَ جا فصل اهڙا گھاٽا ٿين، جهڙا لبناني جابلو علائقي جا ٻيلا آهن! شال انهيءَ جي شهرن جي آبادي ائين وڌي، جيئن ڌرتيءَ جو گاهہ وڌي ٿو!