پيدائش 41:42 - Muslim Sindhi Bible42 ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible42 ۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“