Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:40 - Muslim Sindhi Bible

40 تون منهنجي محلات جو مختيار ٿيءُ. منهنجي سڄي رعيت تنهنجي حڪم موجب هلندي، فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري منهنجو درجو تو کان مٿي هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:40
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“


يهوداہ يوسف جي ويجھو اچي چيو تہ ”اي منهنجا آقا! پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ پنهنجي آقا سان ڪا ڳالهہ ڪري ۽ اوهان جي ڪاوڙ اوهان جي ٻانهي تي ڀڙڪو نہ کائي، ڇو تہ اوهين بہ مصر جي بادشاهہ جهڙا ئي آهيو.


هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو.


مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.


منهنجي دل ڳجھہ‌ڳوهہ ۾ انهن ڏانهن ڪين ڀٽڪي ويئي آهي، نڪي مون پنهنجي هٿ کي چمندي انهن کي ڪا تعظيم ڏني آهي.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


تڏهن بيلشضر جي حڪم سان دانيال کي شاهي خلعت پهرائي ويئي ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان سواءِ هن بابت اعلان ڪيو ويو تہ هو بادشاهت جو ٽيون نمبر حاڪم شمار ڪيو وڃي.


جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري.


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ