Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:38 - Muslim Sindhi Bible

38 سو فرعون پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اسان کي هن کان وڌيڪ سٺو ماڻهو هٿ نہ ايندو، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ خدا جو روح آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس عملدارن کي چڱي نظر آئي.


اي عزرا! پنهنجي خدا جي حڪمت موجب جيڪا تو کي مليل آهي، تون منتظمَ ۽ ججَ مقرر ڪر. اهي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي انهن ماڻهن جو انصاف ڪن جيڪي تنهنجي خدا جي شريعت کي مڃين ٿا. پر جنهن کي شريعت جي ڄاڻ نہ هجي تنهن کي اوهين سيکاريو.


پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي، جيڪو ڏاهپ سان ٿو هلي، مگر بي‌وقوفيءَ سان هلڻ واري تي بادشاهہ ڪاوڙجي کيس سزا ٿو ڏئي.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بي‌وقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“


اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“


تنهنڪري مون حڪم ڪيو تہ بابل جا سڀ عالم آڻي منهنجي آڏو حاضر ڪيا وڃن، تان‌تہ اهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ٻڌائين.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن منجھہ نور، سمجھہ ۽ ڏاهپ، بلڪ معبودن جي ڏاهپ ڏٺي ويئي. تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر هن کي جادوگرن، نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن جو سردار مقرر ڪيو هو،


مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.


جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري.


تڏهن وزير ۽ والي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا، تہ جيئن حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ دانيال جو ڪو قصور هٿ ڪن. پر هو اهڙو ڪوبہ قصور هٿ ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ دانيال ديانتدار هو ۽ منجھس ڪابہ گھٽتائي يا غفلت ڪين هئي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ