پيدائش 41:30 - Muslim Sindhi Bible30 پر انهن کان پوءِ ست سال ڏڪار پوندو. پوءِ اهو سڄو سڪار مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن کان وسري ويندو، ڇو تہ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 ۽ انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين ڏڪار پوندو، ۽ اهو سڀ سڪار مصر جي ملڪ ۾ وسري ويندو؛ ۽ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“