Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ ”انهن ٻنهي خوابن جو مطلب ساڳيو ئي آهي. خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي، سو تو کي ڏيکاريو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ فرعون جو خواب هڪڙو ئي آهي: جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ٻڌايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:25
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“


يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“


ست چڱيون ڳئون ست سال آهن ۽ ست چڱا سنگ بہ ست سال آهن، خواب هڪڙو ئي آهي.


اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي، يعني خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي سو تو کي ڏيکاريو اٿس.


اهو خواب جيڪو تو کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، تنهن جو مطلب آهي تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جلد ائين ڪندو.


خداوند دنيا جي سڀني قومن تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ هو انصاف ڪرڻ ۽ ڇڏائڻ جي قدرت رکي ٿو.


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.


تنهنڪري هوشيار رهو. ڏسو، مون اوهان کي هر ڳالهہ وقت کان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي آهي.“


منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ