Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:23 - Muslim Sindhi Bible

23 انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل نڪتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا، ۽ لڪ جا سڙيل نڪتا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون وري ٻيو خواب لڌو جنهن ۾ ڏٺم تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا.


اهي سنهڙا سنگ انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي پر ڪوبہ مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيو.“


انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل ڦٽي نڪتا.


اتي جا ماڻهو ڪمزور ثابت ٿيا، ۽ خوف وچان سندن ڪنڌ جھڪي ويا. اهي ٻنيءَ جي ٻوٽن، ساون نازڪ سلن ۽ ڇت تي ڦٽندڙ گاهہ وانگر هئا، جيڪو جھولي واري گرم هوا لڳڻ سان سڪي سڙي وڃي ٿو.


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان، سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو، نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو، پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا.


اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي، هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بي‌اولاد ئي رهندا. پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ