Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:16 - Muslim Sindhi Bible

16 يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن يوسف فرعون کي ورندي ڏيئي چيو تہ اهو منهنجي هٿ ۾ نہ آهي: خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو


هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“


پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ نيل نديءَ جي ڪناري تي بيٺو آهيان.


تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ ”انهن ٻنهي خوابن جو مطلب ساڳيو ئي آهي. خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي، سو تو کي ڏيکاريو اٿس.


اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي، يعني خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي سو تو کي ڏيکاريو اٿس.


بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ٿو ڪري تہ پوءِ آءٌ ڪيئن تنهنجي واهر ڪري سگھندس؟ مون وٽ ڪا ڪڻڪ يا مئي رکي آهي ڇا؟“


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


آءٌ مناسب ٿو ڄاڻان تہ اهي نشانيون ۽ عجيب ڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايان، جيڪي خدا تعاليٰ مون لاءِ ڪيا آهن.


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.


پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي قدرت ۽ دينداريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟


پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.


موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ