Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:15 - Muslim Sindhi Bible

15 فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“


صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو.


زڪرياہ هن کي خداترسيءَ جي تعليم ڏيندو هو ۽ جيستائين زڪرياہ جيئرو هو تيستائين عُزياہ خدا جي طلب ۾ مشغول رهيو ۽ خدا کيس ڪاميابيون ڏنيون.


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي. هاڻ جيستائين انهيءَ خواب جو تعبير معلوم نہ ٿو ٿئي تيستائين منهنجي دل پريشان آهي.“


اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“


’اي بيلطشضر، جادوگرن جا سردار! مون کي خبر آهي تہ تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي ۽ ڪابہ راز جي ڳالهہ تنهنجي لاءِ مشڪل نہ آهي. سو جيڪو خواب مون لڌو آهي، سو ٻڌ ۽ انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ.


ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.


مگر مون تو بابت ٻڌو آهي تہ تون تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکين ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون هيءَ لکت پڙهي انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندين، تہ پوءِ تو کي شاهي خلعت ڍڪائبي، تنهنجي ڳچيءَ ۾ سونو هار وجھبو ۽ تون بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حاڪم ٿيندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ