Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 40:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 40:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ هڪڙي نانوائيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو.


ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“


هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“


يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟


هاڻ مون تي اهو راز انهيءَ لاءِ ظاهر نہ ڪيو ويو آهي تہ آءٌ ڪو ٻين جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ سياڻو آهيان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ توهان کي انهيءَ جو تعبير ٻڌايو وڃي ۽ توهان پنهنجي دل جي خيالن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھو.


ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


توڙي جو اوهان عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ