Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 40:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 40:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تو کي آزاد ڪندو ۽ تو کي تنهنجو عهدو موٽائي ڏيندو. اڳي وانگر جيئن تون سندس ساقي هئين، تيئن تون وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.


سڀ کان مٿين ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا. پر پکين انهيءَ ٽوڪريءَ مان پئي کاڌو جيڪا منهنجي مٿي تي رکي هئي.“


يوسف چيس تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن.


هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو.


پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين.


جيئن هن تعبير ڪيو هو تيئن ئي ٿيو. مون کي منهنجو عهدو موٽي مليو ۽ هن کي ڦاسي ملي.“


تڏهن اياہ جي ڌيءَ رصفہ جبل تي انهن لاشن وٽ پنهنجي لاءِ کٿو وڇايو ۽ فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي برسات جي موسم تائين، ڏينهن رات انهن لاشن جي پکين ۽ جھنگلي جانورن کان حفاظت ڪندي رهي.


تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


تون پنهنجي سڄي لشڪر ۽ اتحادي قومن سميت بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ ماريو ويندين. اوهان جا لاش کلئي ميدان ۾ پيل هوندا جتي پکي ۽ جھنگلي جانور اوهان جو ماس کائي ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تنهن کان پوءِ يشوع انهن بادشاهن کي قتل ڪرايو ۽ سندن لاش پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏرايائين. اهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.


هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.


پوءِ هن دائود کي چيو تہ ”مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو ماس پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلايان.“


اڄوڪي ڏينهن خداوند تو کي منهنجي هٿ ۾ ڏيندو ۽ آءٌ تو کي ماري تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس. اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلائيندس. اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا کي خبر پوندي تہ بني اسرائيل جو هڪڙو خدا آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ