Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 40:15 - Muslim Sindhi Bible

15 حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 40:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يوسف کي کڻي انهيءَ جيل ۾ وڌائين جنهن ۾ بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند هئا ۽ هو انهيءَ جيل ۾ رهڻ لڳو.


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“


سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


اُتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان بہ هو جيڪو پهريدارن جي نگران جو نوڪر هو. اسان انهيءَ کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خواب جو تعبير ٻڌايو.


پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو.


جڏهن وڏي نانوائيءَ ڏٺو تہ يوسف سٺو تعبير ٻڌايو آهي تڏهن يوسف کي چيائين تہ ”مون بہ خواب لڌو آهي، جنهن ۾ ڏسان ٿو تہ ٽي مانيءَ واريون ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن.


کيس اها تڪليف پڻ ڏني ويئي جو سندس پيرن ۾ ٻيڙيون وڌيون ويون، ۽ ڪنڌ ۾ لوهہ جا زنجير وجھي کيس قابو ڪيو ويو.


ڇوجو بڇڙا ۽ دغاباز منهنجي خلاف پيا ڳالهائين. هنن مون بابت بلڪل ئي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ