20 عدہ کي يابل ڄائو، جيڪو تنبن ۾ رهندڙن ۽ ڍورن پاليندڙن جو وڏو هو.
20 عدهہ کي يابل ڄائو، جو تنبن ۾ رهندڙن ۽ ڍورن پاليندڙن جو پيءُ هو.
ڇوڪرا وڏا ٿيا. عيسو هوشيار شڪاري ۽ جھنگ جو جھانگي بڻيو، جڏهن تہ يعقوب ماٺ ميٺ ۾ ۽ گھريلو زندگي گذارڻ وارو هو.
لمڪ ٻہ زالون پرڻيو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو عدہ ۽ ٻيءَ جو نالو صِلاہ هو.
پوءِ کيس هڪ ٻيو پٽ هابيل ڄائو. هابيل ريڍار ۽ قابيل هاري بڻيو.
سندس ڀاءُ جو نالو يوبل هو، جيڪو ڦوڪ وارا ۽ تار وارا سڀيئي ساز وڄائيندڙن جو وڏو هو.
اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.
ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.