Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 قابيل جي زال کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حنُوڪ رکيائين. پوءِ قابيل هڪ شهر ٻڌو ۽ ان جو نالو پنهنجي پٽ حنُوڪ جي نالي تي رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ قائن پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ حنوڪ نالي پٽ ڄايس؛ ۽ هن هڪڙو شهر ٻڌو ۽ انهيءَ شهر جو نالو پنهنجي پٽ جي نالي تان حنوڪ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 4:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“


سو قابيل خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ نود نالي علائقي ۾ وڃي رهيو جيڪو عدن جي اوڀر پاسي هو.


حنُوڪ کي عيراد نالي هڪ پٽ ڄائو، عيراد کي محوياايل نالي پٽ ڄائو، محوياايل کي متوسلح نالي پٽ ڄائو ۽ متوسلح کي لمڪ نالي پٽ ڄائو.


جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس حنُوڪ نالي هڪ پٽ ڄائو.


تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.


ابي‌سلوم پنهنجي جيئري ئي بادشاهن جي ماٿريءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٿنڀو اڏيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪو پٽ ڪونهي جيڪو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي.“ سو هن انهيءَ ٿنڀي تي پنهنجو نالو رکيو هو. اهو ٿنڀو اڄ ڏينهن تائين ابي‌سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


دنيا جهان جي آخر تائين قبرون ئي انهن جا گھر هوندا، بلڪ اهي پيڙهي بہ پيڙهي انهن منجھہ رهندا، جيتوڻيڪ ڪنهن وقت هو زمينن جا مالڪ هئا.


بيشڪ انسان کي سندس دولت موت کان بچائي نہ ٿي سگھي. هو حيوان جيان آهي جيڪو فنا ٿيو وڃي.


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ