Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جنهن زمين تي تو پنهنجي ڀاءُ جو رت وهايو آهي سا تو کي رد ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 4:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند خدا نانگ کي چيو تہ ”انهيءَ ڪم جي ڪري تون ئي هڪڙو سڀني جانورن ۾ لعنتي آهين. تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين.


تون مون کي پنهنجي حضوريءَ ۽ ملڪ مان ڪڍين ٿو پيو. آءٌ زمين تي رلندو ۽ ڌڪا کائيندو وتندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو سو ماري وجھندم.“


هن پٽ جو نالو هي چوندي نوح رکيو تہ ”هي ٻار انهيءَ زمين تي، جنهن تي خدا لعنت ڪئي هئي، اسان جي سموري پورهئي ۽ محنت کان اسان کي آرام ڏيندو.“


”اي ڌرتي! منهنجي وهايل رت کي نہ لڪاءِ، انصاف واسطي منهنجي فرياد کي پاڻ وٽ روڪي نہ رک.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ