Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 39:6 - Muslim Sindhi Bible

6 فوطيفار سڀ ڪجھہ يوسف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. هو جيڪا ماني کائيندو هو تنهن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن بہ شيءِ سان واسطو ڪونہ رکندو هو. يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 39:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لياہ جون اکيون چنجھيون هيون، پر راخل خوبصورت ۽ سهڻي هئي.


جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي جيلر نظرداري ڪونہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند يوسف سان هو ۽ يوسف کي هر ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ٿي ڪيائين.


تنهنڪري يوسف تي هن جي مهربانيءَ جي نظر ٿي، سو کيس پنهنجو خاص خدمتگار بڻايائين. فوطيفار يوسف کي پنهنجي گھر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين.


تڏهن هنن يوسف لاءِ ڌار ۽ انهن ڀائرن لاءِ ڌار ماني آڻي رکي. جيڪي مصري انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هئا تن لاءِ بہ ڌار ماني رکي ويئي، ڇو تہ عبرانين سان گڏ کائڻ کي مصري ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڪري سمجھندا هئا.


سندس مڙس جو مٿس پورو پورو اعتبار ٿئي ٿو، ۽ سندس مڙس جي ڪابہ گھرج باقي نہ ٿي رهي.


جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي‌ايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بي‌ايمان ٿيندو.


تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘


انهيءَ ئي وقت موسيٰ ڄائو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماءُ پيءُ جي گھر ۾ پليو.


سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“


جالوت دائود کي چتائي ڏٺو. هن دائود کي حقير ڄاتو، ڇو تہ سندس نظر ۾ هو رڳو ڳاڙهي گوري رنگ وارو خوبصورت ڇوڪرو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ