Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 39:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي جيلر نظرداري ڪونہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند يوسف سان هو ۽ يوسف کي هر ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 39:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يوسف کي کڻي انهيءَ جيل ۾ وڌائين جنهن ۾ بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند هئا ۽ هو انهيءَ جيل ۾ رهڻ لڳو.


پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ